ملڪ: ۾ خراب معاشي صورتحال سبب آمدني جا ذريعا محدود هجڻ، گهٽ پگهار ۽ بيروزگاري جي مسئلن وچولي ۽ غريب طبقي کي سخت متاثر ڪيو آهي. هن وقت گهٽ آمدني واري طبقي جو وڏو مسئلو خوراڪ جو انتظام ڪرڻ آهي.عام ڪرياني جي دڪانن تي اٽو، گيهه، تيل، داليون مهانگي اگهن تي ملي رهيون آهن. سستي ۽ سبسڊائيز شين جي خريداري جو اهم ذريعو يوٽيلٽي اسٽورز آهي جتي خوراڪ جي حوالي سان سڀني کان اهم شيءَ اٽو آهي عام مارڪيٽ جي نسبت يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلهو 648 روپين جو آهي جيڪو غريب طبقي جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي.شهرين شڪايت ڪئي آهي ته گرمي جي موسم ۾ پنڌ يا ڀاڙو خرچ ڪري يوٽيلٽي اسٽورز تي پهچندا آهيون ته اتي سخت گرمي دوران ڊگهي قطار ۾ بيهڻو پوندو آهي پر اتي به گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻ باوجود اٽو ۽ ٻيون سستيون شيون نه ٿيون ملن.شهرين ڏوراپو ڏيندي چيو ته اسان پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي سستي شين جي لاءِ لائنن ۾ بيهندا آهيون ته جيئن سستيون شيون خريد ڪر يپنهنجي گهر ڀاتين جي لاءِ کاڌي جو انتظام ڪري سگهون. جڏهن اهي شيون به اسان کي نه ملن ته پوءِ حڪومتي سبسڊي جو ڪهڙو فائدو آهي؟ شهرين جو وڏو انگ قطارن ۾ ڌڪا کائڻ کان بهتر ڪرياني جي دڪانن تان خريداري ڪرڻ کي مسئلي جو حل سمجهي ٿو.