ٺڪراٺو : حرن جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراھ اعلي حضرت پير صاحب پاڳارا جن جي 66 هين سالگرھ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ خاص مهمانن , مسلم ليگ فنڪشنل جي ضلع سکر تعلقه پنوعاقل جي مقامي عهديدارن ورڪرن ۽ حرجماعت جي وڏي انگ شرڪت ڪئي تقريب ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ پير صاحب پاڳارا ملڪ پاڪستان ۽ پاڪ فوج لاء خاص دعائون گهريون ويون تقريب ۾ ڀيڄ پاڳارا جا نعرا گونجندا رهيا
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ شهيد محمد مٺل فقيرمڱريو ۾ حرن جي روحاني پيشوا ۽ مسلم ليگ فنڪشنل ليگ جي سربراھ سيد صبغت الله شاھ راشدي المعروف راجه سائين اٺين پير صاحب پاڳارا جن جي 66 هين سالگرھ مسلم ليگ فڪشنل ليگ تعلقه پنوعاقل جي صدر فقير محمد حيات مڱريو جي سهن تي پارٽي عهديدارن , ورڪرن ۽ حرجماعت پاران وڏي عقيدت ۽ جوش جذبي سان ملهائي وئي, سالگرھ تقريب ۾ مهمان خاص فيصله ڪاميٽي درگاھ پيرڳوٺ جو ميمبر حر فقير ڪمال الدين پنهيار صاحب , وڏيرو حاجي شوڪت خان مهر , يوسي روپهر جي چيئرمين حر فقير نصير احمد مهر , فنڪشنل ليگ ضلع سکر جي عهديدارن فقير عبدالحق مهر , فقير محمد ياسين جوڻيجو تعلقه پنوعاقل جي ڪارڪنن ورڪرن مقصود احمد ڪلهوڙو , دين محمد مڱريو , فقير خادم حسين مهر ۽ حر جماعت جي وڏي انگ شرڪت ڪئي خاص مهمان حر فقير ڪمال الدين پنهيار مختصر خطاب ڪندي چيو ته پيران پاڳارا جي خاندان ۽ ڇٽ ڌڻي بادشاھ رح جي جگر گوشه سيد صبغت الله شاھ راشدي المعروف راجه سائين اٺين پير سائين پاڳارا جن مسند نشين ٿيڻ بعد پنهنجي والد بزرگوارڪنگ ميڪرحضرت شاھ مردان شاھ المعروف ڇٽ ڌڻي بادشاھ جي ظاهري هن دنيا کان پري وڃڻ بعد حر جماعت کي پنهنجي زير نگراني ۽ شفقت سان متحد ۽ منظم ڪرڻ ۽ جماعتي قائدن ۽ قانون جي پاسداري ڪرڻ ديني خدمت توڙي انسانيت ناتي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ هر ممڪنه ڪوشش ڪئي آهي ۽ پنهنجي جماعت ۾ ديني توڙي دنوي تعليم خاص ڪري نياڻين جي تعليم , ننڍي لاء جي سڱابندي نه ڪرڻ ۽ پنج وقت نماز سلسله قادريه جو ٻھ وقت ذڪر ڪرڻ سان گڏ پنهنجي پاڙيسرن جو خاص خيال رکڻ جهڙا احڪمات ۽ ان تي سختي ساڻ عمل ڪرڻ جي پڻ بار بار تلقين ڪئي آهي ۽ هر ڏکي وقت ۾ ملڪ پاڪستان جي خدمت خاص ڪري پاڪ فوج سان حرجماعت ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري ملڪ ۽ ملت جي خدمت ڪئي آهي تقريب ۾ آيل خاص مهمانن ۽ سمورن عهديدارن ۽ حرجماعت پاران گڏجي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ تقريب ۾ آيل خاص مهمانن , ورڪرن , عهديدارن , حرجماعت جي فقيرن ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن پير سائين پاڳارا جن جي صحت ڪامله ۽ خضري حياتي لاء دعائون گهريون ۽ ملڪ پاڪستان ۽ پاڪ فوج لاء پڻ خاص دعائون گهريون ويون تقريب ۾ هر طرف ڀيڄ پاڳارا جا نعرا گونجندا رهيا