ٺڪراٺو : لڳ ڳوٺ حمير مڱريو جي مڱريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ سبب يوسي روپهر جو چونڊيل وارڊ ڪائونسلر رحمت الله مڱريو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٻي ڌر جو علي محمد مڱريو پڻ زخمي ٿي پيو ٻنهي زخمين کي وارث ڌار ڌار ٿاڻو مبارڪپور کڻائي آيا جتان مبارڪپور پوليس پاران ٻنهي زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال پنوعاقل اماڻي ڇڏيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي فرياد تي ڌار ڌار اين سي مطابق 13 ڄڻن هڪ ڌر جي علي محمد , عبدالستار , دين محمد , علي خان ۽ کنڊو مڱريو جڏهن ته ٻي ڌر جي مولابخش , رحمت الله , قالو , پانڌي , سبزل , ميرحسن ۽ حاڪو مڱريو خلاف رپورٽ داخل ڪئي وئي , ميڊيا آڏو هڪ ڌرجي زخمي علي محمد مڱريو الزام هڻندي چيو ته مولابخش وارن ڪراچي ۾ منهنجي پٽن کي رات جو باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو هوجنهن ۾ منهنجو هڪ نوجوان پٽ فوت ٿي ويو ۽ ٻھ سڙي ڪري معذور ٿي ويا هئا جنهنجي ايف آء آر پڻ داخل ٿيل آهي جڏهن ته ٻي ڌر جي مولابخش مڱريو ڳالهائنيدي چيو ته فوتي نوجوان ۽ سندس ڀائرن جي جڳھ کي ڪراچي ۾ اوچتو باھ لڳي هئي جنهنجي مون تي ڪوڙي ايف آءآر ڪراچي جي گلشن اقبال ٿاڻو تي داخل ڪرائي هئي جيڪا پوليس جي جاچ دوران سي ڪلاس ٿيل آهي ان کانپوء انهن وري مونکي سچل ٿاڻو جي پوليس هٿان ٺڪراٺو مان کنڀرائي ڪراچي کڻائي ويا ۽ ڪيس داخل ڪرايو جنهن ۾ مان ضمانت تي آزاد آهيان انکان پوء ٻھ ڏينهن اڳ ڊي آء جي سکر جي انڪوائري سيل ۾ اسان خلاف ڪيل رپورٽ ۾ اسان تي ڪجھ ثابت ناهن ڪري سگهيا اصل معاملو گهرجي جڳھ جو آهي جنهن تي علي محمد وارا مختلف حربن سان حراسان ڪن ٿا ۽ اڄ هوٽل تي ويٺا هئا سين ته حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ اسان جو رشتيدار ۽ يوسي روپهر جو چونڊيل ڪائونسلر رحمت الله جنهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انکي پڻ ڌڪ هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي مڱريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي سبب زخمي ڪائونسلر رحمت الله مڱريو احتجاج ڪندي الزام هنيو ته علي محمد , کنڊو , عبدالستار , علي خان ۽ دين محمد مڱريو پاران هوٽل تي ويٺل مولابخش ۽ ٻين تي حملو ڪري ڏنو جنهن تي مون علي محمد وارن کي چيو ته جهيڙو نه ڪيو پاڻ ۾ آهيو ته ان تي مونکي گار گند ڪري مونکي لٺيون هڻي رتورت ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن مونکي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي چيو ته تون مولابخش واريڌر سان گڏ ڇو آهين جڏهن ته جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون پاڻ عزيز آهن جهيڙي سان منهنجو ڪو به تعلق ناهي مان ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪريان ٿو ته مونکي زخمي ڪندڙن خلاف فوري طور تي ايف آء آر درج ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ پراڻو ذاتي معاملو هلندڙ آهي جنهن جي بنياد تي اڄ هي شهر ۾ جهيڙو ٿيو آ ٻنهي ڌرين جي زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال پنوعاقل علاج لاء موڪليو آهي وڌيڪ جاچ ڪري قانوني ڪارروائي ڪندا سين : ايس ايڇ او مبارڪپور