ٺڪراٺو :واسي نوجوان ڏھرڪي ۾ ٽريڪٽر ٽانڪي جي شافٽ ۾ ڪپڙو وچڙڻ سبب فوت گھر ۾ ڪھرام خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو ڳوٺ نبي بخش مهر جو رھواسي 35 ورھين جو نوجوان محمد ڇٽل ولد محمد بخش مهر ڏهرڪي واري علائقي ۾ ٽريڪٽر ٽانڪي جي شافٽ ۾ ڪپڙو وچڙڻ سبب فوت ٿي ويو پورھيت نوجوان ڏهرڪي جي علائقي 06 نمبر کوھ تي مزدوري سانگي ٽريڪٽر ٽانڪي ذريعي ڇڻڪار ڪندو هو جيئن ئي معمول موجب ٽريڪٽر ۽ ٽانڪي ڪڍي پاڻي ڀري رهيو هو ته پاڻي ڀرڻ دوران هلندڙ ٽريڪٽر ٽانڪي جي شافٽ ۾ سندس ڪپڙو وچڙي ويو ۽ پورھيت ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو جيڪي ڳوٺ کان ڏهرڪي روانا ٿي ويا ۽ لاش کڻائي اوچيئر ويجھو اباڻي ڳوٺ آندو ته گھرڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو فوتي نوجوان کي ٻن ٻارن جو اولاد ھيو جنازي نماز بعد مڙھ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي.