ٺڪراٺو: ويجھو روپھر ۾ شھيد سورھيه بادشاھ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ لڳرايو ويو ٽورنامنٽ جو فائيل روپھر ٽائيگر اليون جي ٽيم کٽي ورتو رپورٽ موجب ٺڪراٺي ويجھو روپھر ۾ شھيد سورھيه بادشاھ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ لڳرايو ويو جنھن ۾ مختلف علائقن جي 22 ٽيمن حصو ورتو تمام دلچسپ مقابلن بعد ٻھ ٽيمون روپھرٽائيگر اليون ۽ رائيزنگ اسٽارٺڪراٺو فائينل ۾ پھتيون روپھرٽائيگراليون مقرر 6 اورن ۾ 115اسڪور جو ٽارگيٽ ڏنو جنھن جو پيڇو ڪندي رائيزنگ اسٽار ٺڪراٺو جي ٽيم مقرر اورن ۾ 2 وڪيٽون وڃائي فقط 60 اسڪور بڻائي فائينل ھارائي وئي روپھر ٽائيگراليون ٽيم جي رانديگر محمد ياسين مھر بھترين بيٽنگ جو مظاھرو ڪندي 67 اسڪور ٺاھي ناٽ آئوٽ رھندي مين آف دي سيريز ۽ مين آف دي ميچ جا ايواڊ پنھنجي نالي ڪري ورتا مھمان خاص تنويرعلي مھر حر رفيق احمد مھر ھئا سموري ٽورنامنٽ جي ميزباني مھتاب علي مھر ,ظھيراحمد مھر ساجدعلي ملڪ ۽ ٻين ڪئي روپھرٽائيگراليون جي ڪپتان نويداحمد مھر ٽورنامنٽ جي ٽرافي وصول ڪندي خوش جو اظھار ڪندي چيو ته جتي اسپتالون ويران ڪرڻيون ھجن اتي راندين جا ميدان سجايا وڃن اسين بيحد شڪرگذارآھيون ايم ايس ايف اڳواڻن جا جن اسان جي پٺتي پيل علائقن ۾ اھڙا پروگرام ڪرائي تفريح مھيا ڪئي