ٺڪراٺو ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف شهر جي مک چئوڪ تي آبادگارن جو ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو

ٺڪراٺو ۾ زرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ۽ واڌو اگھ وصول ڪندڙ ڊيلرن خلاف آبادگارن ۽ ھارين جو شهر جي سورهيه بادشاھ چئوڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ ھارين غوث بخش مھر حمزو مھر آدم مھر محمد اسحاق جٽ مبارڪ راڄڙ عبدالحق مھتم ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي ڊيلرن زرعي ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي نقصان ڏنو آھي ڀاڻ جو سرڪاري اگھ 37 سئو في ٻوري آھي پر ٺڪراٺي جا ڊيلز 55 سئو روپيا في ٻوري وڪرو ڪري رھيا آھن جيڪو آبادگارن سان سراسر ظلم آھي ھنن چيو ته ڊيلرن جي گدامن ۾ ھزارين ٻوريون ڀاڻ اسٽاڪ پيل آھي پر ھو سرڪاري ريٽ تي ڏيڻ لا۽ تيار ناھن اسانجا فصل ڀاڻ نه ملڻ ڪري تباھ ٿي رھيا آھن جنھن ڪري اسانجو معاشي قتل ٿي رھيو آھي احتجاج ڪندڙن چيف جسٽس آف پاڪستان چيف آف آرمي اسٽاف ۽ نگران وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته ڀاڻ زخيرو ڪندڙ ۽ منافعي خور ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن ۽ ھارين کي سرڪاري ريٽ تي ڀاڻ ڏياريو وڃي ۽ آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو