ٺڪراٺو: گذريل ڏينهن مبارڪپور واٽر سپلاء جا پائپ چوري ڪرڻ خلاف پبلڪ هيلٿ پاران هڪ ڄڻي رياض احمد مهتم خلاف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پورهيت جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو مظاهرين عيد گل ، اشرف االدين حاجي نظر گل مهتم ۽ ٻين ميڊيا آڏو الزام هڻندي چيو ته ڪالھ اسان جي رڪشه هلائيندڙ پورهيت کي بااثر مائٽ علي مدد مهتم ۽ سندس پٽ نعمان مهتم نور مسجد مبارڪپور ڀرسان پيل پائپ رڪشه تي لوڊ ڪرايا ۽ گهر کڻي اچڻ لاء چيو جنهنکي مبارڪپور پوليس روڪي ورتو ميڊيا آڏو به اسانجي پورهيت نوجوان اهو واضح چيوآهي ته علي مدد ۽ سندس پٽ نعمان اهي پائپ پنهنجي گهرلاء کڻائڻ لاء لوڊ ڪرايا آهن جنهنکان پوء بااثر علي مدد مهتم ۽ ايس ايڇ او مبارڪپور اشرف ڦلپوٽو اسان جي نوجوان تي تشدد ڪندا رهيا ۽ زور ڀريو ته هاڻ تون اهو بيان ڏي ته اهي پائپ اسان ناهن لوڊ ڪرايا جنهنجي جواب ڏيڻ تي ايس ايڇ او مبارڪپور پائپ چوري جو ڪيس صرف اسان جي نوجوان تي داخل ڪري ڇڏيو جڏهن ته پائپ کڻائيندڙ بااثرن جا نالا درج نه ڪيا احتجاج ڪندڙن ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڪري ان معاملي جي جاچ ڪرائي ائپ کڻائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ اسانجي نوجوان جو نالو خارج ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي