ٺڪراٺو: ڳوٺ گھٽي ملڪ ۾ 19 ورھين جي نوجوان ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ گهٽا ئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف مبارڪپور پوليس وارثن کي لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪري ڇڏيو منھنجي گھرواري کي سھري ۽ سالي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪيو آھي دعويدار مڙس جو الزام پوليس کي ڳجهو اطلاع مليو ته ٿاڻو مبارڪپور جي حد ۾ ناري کي قتل ڪيو ويو آهي جنهن بعد لاش کي دفنائڻ کان اڳ پهچي ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاء اماڻيوآهي رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪندا سين ايس ايڇ او مبارڪپور ٺڪراٺو لڳ ڳوٺ گهٽي ملڪ ۾ 19 سالا نوجوان ناري مسمات پٺاڻي ڌئ ڪريم داد ملڪ کي ڪارنهن الزام هيٺ زهر ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي گذريل رات مبارڪپور ٿاڻو جي حد ڳوٺ گهٽي ملڪ ۾ نوجوان ناري پٺاڻي ملڪ فوت ٿي هئي جنهن لاء وارثن چيو پئي ته ناري گهر ۾ زهر پي ڪري خودڪشي ڪئي آهي فوتي ناري جو لاش وارث قبرستان لاء کڻي وڃي رهيا هئا ته ايس ايڇ او مبارڪپور محمد قابل ڀيو قبرستان پهچي ڪري فوتي ناري جو لاش دفنائڻ کان روڪي ورتو ۽ لاش کي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال اماڻي ڇڏيو پوليس پاران لاش دفنائڻ کان روڪڻ بعد ناري جي دعويدار مڙس حمير ملڪ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته فوتي ناري سان منهنجو نڪاح ٿيل هو ۽ هاڻ رخصتي ٿيڻي هئي رات منهنجي سهري ڪريمداد ملڪ ۽ سالي منهنجي گهرواري کي ڪاري ڪري کيس هٿ سان زهر ۽گهٽا ڏئي ماريو آهي جنهن بعد هو لاش کي دفنائڻ ۾ جلدي ڪري رهياهئا جنهن بعد مون مبارڪپور پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن بعد مبارڪپور پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال پنوعاقل روانو ڪري ڇڏيو آهي آخري اطلاع تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو