ٺڪراٺو : ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ڀرتين لا۽ گريجوئيشن جي ٽيسٽ جو شرط رکڻ خلاف احتجاج مئٽرڪ جي بنياد تي ٽيسٽ وٺي

ٺڪراٺو : ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ڀرتين لا۽ گريجوئيشن جي ٽيسٽ جو شرط رکڻ خلاف احتجاج مئٽرڪ جي بنياد تي ٽيسٽ وٺي آسري ۾ ويٺل ھزارين نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي مطالبو خبر موجب ٺڪراٺو ۾ سپوا يوٿ ونگ جي چيئرمين امداد حسين منگي احتجاج ڪندي چيو ته اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ڀرتي مئٽرڪ جي بنياد تي ڪئي وڃي گريجوئيشن جو شرط ختم ڪري 2012ع کان آسري ۾ ويٺل بيروزگار ھزارين اسٽاڪ اسسٽنٽ نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي امداد حسين منگي چيو ته اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ڪورس جي داخلا مئٽرڪ جي بنياد تي ٿيندي آھي ان ڪري ڀرتي به مئٽرڪ جي بنياد تي آ۽ بي اي سکر ٽيسٽ جي معرفت ڪئي وڃي پر سنڌ حڪومت پڌرائي ڪئي آھي ته اسٽاڪ اسسٽنٽ کان گريجوئيشن ٽيسٽ مطابق ڀرتي ڪئي ويندي جيڪا سراسر اسٽاڪ اسسٽنٽ سان ناجائزي آھي احتجاج ڪندڙ سپوا يوٿ ونگ سنڌ جي چيئرمين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير عبدالباري پتافي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ ڊائريڪٽر جنرل لائيو اسٽاڪ کان مطالبو ڪيو ته اسٽاڪ اسسٽنٽ جي ڀرتي لا۽ گريجوئيشن جو شرط ختم ڪري مئٽرڪ جي بنياد تي آ۽ بي اي ٽيسٽ معرفت ڀرتيون ڪيون وڃن.