سريلنڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سيريز جو ٻيون ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جاري آهي جڏهن ته سريلنڪا جي سموري ٽيم پهرين اننگز ۾ 166 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي پاڪستان طرفان اسپنر ابرار احمد 4 ۽ فاسٽ بالر نسيم شاهه 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. نسيم شاهه انجيلو ميٿيوز، ڪپتان ديموٿ ڪرونا رتني ۽ دنيش چنديمل کي آئوٽ ڪيو. جڏهن ته ابرار احمد بيٽر سديرا، دهننجيا ڊي سيلوا، اسيتها فرنينڊو ۽ رميش مينڊس کي پويلين ڏانهن واپس موٽايو.سريلنڪا جي اوپنر نشان مدوشڪا ۽ پرڀات جي سوريا کي شان مسعود رن آئوٽ ڪيو. جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي ڪوشال مينڊس جي وڪيٽ ورتي.سيريز جو فائنل ميچ ڪولمبو ۾ کيڏيو پيو وڃي جنهن جو ٽاس برسات سبب دير سان شروع ٿيو. سريلنڪا جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان جي خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته ٽيم ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه تبديلي نه ڪئي وئي آهي ساڳيا رانديگر آهن جيڪي پهرين ٽيسٽ ۾ کيڏايا ويا هئاسريلنڪن ڪپتان ديموٿ ڪرونا رتني موجب اسان جي ٽيم ۾ 2 تبديليون ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم گال ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.