ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ملازمن جو جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري

ٽنڊوڄام: آل سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز فيڊريشن جي يونٽ سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران ملازمن جي جائز مطالبن جي حل لاءِ جاري ڪيل جدوجهد اڄ 8 ڏينھن به جاري روزاني جي بنياد تي هڪ ڪلاڪ جي علامتي بک هڙتال ۽ احتجاج جاري رکيو ويو.جڏهن ته اڳواڻن چيو ته اسان مسلسل سراپا احتجاج آھيون پر وائس چانسلر وٽ ايترو ٽائم ناهي جو ڪجھ گھڙيون ڪڍي ملازمن جي مسئلن تي غور فڪر ڪري.اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان جا جائز مسئلا آھن، جنهن ۾ سن ڪوٽا، رٽائر ڪوٽا، فوتي ڪوٽا، رھيل واجبات ليو انڪيشمنٽ جا پئسا فور جاري ڪيا وڃن، اسان جا جائز مسئلا حل نه ڪيا ويا ته اسان سومر جي ڏينھن 3 اپريل تي ڊي وي ايم فيڪلٽي کان ريلي ڪڍي وي سي آفيس جي سامهون 24 ڪلاڪن جي احتجاج جو اعلان ڪنداسين.