پرتشدد تنظيم کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي، انتهاپسندي کي روڪڻ وارو بل سينيٽ ۾ پيش

پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ جو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ پرتشدد انتهاپسندي کي روڪڻ جو بل 2023 پيش ڪري ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين بل تي ايوان کان راءِ گهري بل جي متن موجب پرتشدد انتهاپسندي مان مراد نظرياتي عقيدي، مذهبي ۽ سياسي معاملن ۾ طاقت جو استعمال ۽ تشدد آهي. ان کان علاوه ان ۾ فرقيواريت جي خاطر ڌمڪائڻ يا ڀڙڪائڻ، فرقيواريت جي اهڙي حمايت ڪرڻ جنهن جي قانون ۾ منع ٿيل هجي، پرتشدد انتهاپسندي ۾ شامل ڪنهن فرد يا تنظيم جي مالي مدد ڪرڻ يا تشدد ۽ دشمني جي لاءِ ڀڙڪائڻ به شامل آهي گڏيل بل موجب شيڊول ۾ شامل شخص کي تحفظ ۽ پناهه ڏيڻ پرتشدد ۽ انتهاپسندي آهي، پرتشدد انتهاپسندي جي تعريف ڪرڻ ۽ ان جي لاءِ ڄاڻ پکيڙڻ به پرتشدد انتهاپسندي ۾ شامل آهي بل پيش ڪرڻ تي اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا جنهن تي سينيٽ چيئرمين چيو ته بل ڪميٽي ڏانهن اماڻڻ جو فيصلو ته ڪرڻ ڏيو اوهان کي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو پي ٽي آءِ سينيٽر همايون مهمند چيو ته ايترو اهم بل آهي هي بل ماڻهن جي زندگي تي اثر وجهندو. لڳي ٿو راڻا ثناءُالله جو هي بل تحريڪ انصاف کي چونڊن کان روڪڻ جو بل آهي هن جا نتيجا تمام خطرناڪ نڪرندا حڪومتي پارٽي جي يو آءِ(ف) ۽ نيشنل پارٽي به اهڙي قانونسازي جي مخالفت ڪري ڇڏي جڏهن ته سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ۽ طاهر بزنجو اعتراض واري ڇڏيو. حڪومتي ميمبرن چيو ته اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ قانونسازي نه ڪرڻ گهرجي.