پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي متحده عرب امارات پهچي ويو آهي متحده عرب امارات جي اعليٰ اختيارين ۽ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمڊي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. دوري دوران پرڏيهي وزير بلال ڀٽو عرب امارات جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو ملاقات دوران ٻئي ڀائر ملڪ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪندا دبئي ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو مادام تسائو ۾ پهرين پاڪستان شخصيت بينظير ڀٽو جي موم جي ٺهيل مجسمي جي نقاب ڪشائي جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو پرڏيهي وزير جو متحده عرب امارات جو دورو پاڪستان جي مضبوط رابطن، لاڳاپن ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻئي ملڪ پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم بنائڻ ۽ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ڀائيواري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهن