پرڏيهي وزير جو گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان رابطو، قرآن پاڪ جي توهين وارن واقعن تي ڳالهيون

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن ۾ قرآن پاڪ جي توهين وارن واقعن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب بلاول ڀٽو زرداري اسلاموفوبيا خلاف گڏيل قومن جي اجتماعي ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏنو ترجمان موجب پرڏيهي زير ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري وچ ۾ ٻوڏ کان پوءِ بحالي جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير انتونيوگوتريس سان ترقي يافته ملڪن ۾ تحفظ خوراڪ تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته ان دوران بحرِ اسود ۾ خوراڪ جي قدمن جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون ياد رهي ته گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي معاملي تي او آءِ سي جنرل سڪيريٽري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه سان اڄ ٽيليفون تي رابطو ڪيو جيڪو يورپي ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعن جي حوالي سان ڪيو ويو.