پشاور: مفت اٽي جي ورهاست دوران پوليس ۽ شهرين ۾ چڪريون

پشاور: پشاور ۾ اٽي جي مفت ورهاست دوران بدنظمي، شهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪرين جا اطلاع سامهون اچي ويا.رپورٽ موجب پشاور ۾ اٽي جي مفت ورهاست دوران بدنظمي ٿي پئي. پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ شهري ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي ويا.رپورٽن موجب شهرين حيات آباد اسپورٽس ڪمليڪس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن جو وڏو ميڙ مڇرجي پيو. شهرين کي روڪڻ لاءِ پوليس طرفان لاٺي چارج ڪيو ويو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو پڻ استعمال ڪيو ويو.شهرين انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، شهرين جي پٿراءُ سبب حيات آباد اسپورٽس ڪمپليڪس جا شيشا پڻ ڀڄي پيا.