اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جي عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب اسيمبلي جون عام چونڊون 30 اپريل تي ٿينديون. ريٽرننگ آفيسر 11 مارچ تي پبلڪ نوٽيس جاري ڪندو.اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 12 کان 13 مارچ تائين جمع ڪرائي سگهبا، ڪاغذن جي جانچ پڙتال 22 مارچ تي ٿيندي ۽ اميدوارن کي چونڊ نشان 6 اپريل تي جاري ڪيا ويندا.اليڪشن ڪميشن چيو ته سياسي پارٽين کي مخصوص سيٽن جي ترجيحي فهرست 14 مارچ تائين ريٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائڻي پوندي.