پنجاب :جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي، 5 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ملڪ :جي مختلف شهرن ۾ چوماسي جي برساتن تباهي مچائي ڇڏي. مختلف حادثن ۾ ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا.لاهور جي مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. سڀني کان وڌيڪ برسات گلشن راوي ۾ 163 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. جوهر ٽائون ۾ 156، نشتر ٽائون ۾ 151 ۽ لڪشمي چوڪ تي 142 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. پنجاب جي نگران وڏي وزير اربن فلڊنگ جي خطري سبب انٽطاميه کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.پنجاب جي ٻين ضلعن پاڪپتن، شڪر ڳڙهه، ڪرتاپور، نورڪوٽ، ڪوٽ نينان ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي. شرقپور شريف شهر ۽ ريناله خورد ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا. جڏهن ته روڊن تي پاڻي جمع ٿي ويو.وزيرآباد ۾ جوهڙ واري علائقي ۾ 2 ٻار فوت ٿي ويا. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. رب پاڪ سوڳوار خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي ضلعي مانسهره ۾ رات دير سان تيز برسات سبب 3 ڪچن گهرن جون ڀتون ڪري پيون. حادثن دوران 2 عورت ۽ ٻن ٻارن سميت 3 ڄڻا فوت جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا. لوئر چترال ۾ تيز برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي. ڪوغذي واري علائقي ۾ 2 دوڪانون، هڪ ورڪشاپ ۽ سروس اسٽيشن ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويا.آزاد ڪشمير ۾ به برسات جو سلسلو چوٿين ڏينهن به جاري آهي. تيز برسات سبب مختلف علائقن جو رابطو به ڪاٽا ٿي ويو آهي. وڻ ڪرڻ سبب ليه جي ٻين علائقن سان ملائيندڙ روڊ به بند ٿي ويا آهن.