اسلام آباد: رمضان پيڪيج تحت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي خصوصي رمضان پيڪيج تي عمل شروع ٿي چڪو آهي جنهن تحت غريب خاندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي.شعبان جي 25 تاريخ کان رمضان جي 25 تاريخ تائين هر غريب خاندان کي اٽي جون 3 ٿيلهيون ملنديون. وزيراعظم ٻين صوبائي حڪومتن کي به غريب عوام کي مفت اٽي جي فراهمي جون هدايتون ڏئي چڪو آهي.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ جو چوڻ آهي ته هر رجسٽرڊ صارف کي پهريون ڀيرو 10 ڪلو اٽي جو هڪ ٿيلهو ملندو ۽ 2 ٿيلها 7 ڏينهن کان پوءِ ملندا. پوري مهيني دوران اٽي جا 3 ٿيلها ڏنا ويندا.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد وڌيڪ چيو ته مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين. مفت اٽي جي ورهاست شفاف طريقي سان يقيني بنائي ويندي.