پهريون ٽيسٽ: سريلنڪا جا 54 رنسن تي 4 رانديگر آئوٽ

سريلنڪا پاڪستان جي خلاف گال ٽيسٽ ميچ ۾ ماني جي وقفي تائين 4 وڪيٽن جي نقصان تي 65 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.گال ۾ کيڏيل سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ سريلنڪن ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر اوپنر نيشان مدهشڪا 6 جي گڏيل اسڪور تي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.ڪپتان ڊيموٿ ڪروناتني 29، ڪوشل مينڊس 12 جڏهن ته دنيش چنديمل هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. اينجيلو ميٿوز 12 جڏهن ته دهننجايا ڊي سلوا 7 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهي.پاڪستان طرفان شروعاتي 3 وڪيٽون هڪ سال کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي ڪندڙ شاهين شاهه آفريدي حاصل ڪيون. جڏهن ته نسيم شاهه هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.ٻن ميچز تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جو ٻيون ميچ 24 جولاءِ کان ڪولمبو ۾ شروع ٿيندو. ڪپتان بابر اعظم سميت عبدالله شفيق، امام الحق، شان مسعود، سعود شڪيل، سرفراز احمد، سلمان علي آغا، نعمان علي، ابرار احمد، شاهين شاهه آفريدي نسيم شاهه شامل آهن.گال ۾ کيڏجندڙ اهو ٽيسٽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ 25-2023 ۾ پاڪستاني ٽيم جو پهريون ٽيسٽ آهي.