پوليس زمان پارڪ مان هٿيار ۽ شراب جون بوتلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

لاهور: پوليس عمران خان جي گهر زمان پارڪ مان هٿيار ۽ شراب جون بوتلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. مريم نواز ان حوالي سان وڊيو پڻ شيئر ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب پوليس عمران خان جي رهائشگاهه تان هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن جنهن ۾ 16 رائفلون شامل آهن. ان سان گڏ ئي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته زمان پارڪ مان شراب جون بوتلون ۽ پيٽرول جون بوتلون پڻ هٿ آيون آهن.پوليس ذريعن موجب شروعاتي طور تي اهي هٿيار سرڪاري نظر نه پيا اچن. امڪان آهن ته اهي هٿيار اهي آهن جيڪي وزيراعظم جي طور تي عمران خان کي ڏنا ويا هئا. جنهن کان پوءِ عمران خان ان کي واپس نه ڪيو هو.هوڏانهن مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته هاڻ خبر پئي آهي ته جڏهن کان هن دهشتگرد عمران خان کي زبردستي سياست ۾ آندو ويو تڏهن کان ملڪ فتني ۽ انتشار جو شڪار ڇو ٿيو آهي؟هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي آڻيندڙ به پنهنجي بدترين انجام تي پهتا آهن. هنن جي سياست هاڻ پنهنجي اختتام طرف وڌي رهي آهي. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي صحافين جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيا آهن ته جنهن جڳهه تان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ان جڳهه جي هو وڊيو اڳ به ٺاهي چڪا هئا انهن کي اتي ڪنهن به قسم جو ڪو هٿيار نظر نه آيو. اتي پستول جيترو ننڍو هٿيار لڪائڻ ته ممڪن آهي پر ڪلاشنڪوف ۽ رائفل جهڙو وڏو هٿيار لڪائڻ ممڪن ناهي.