پوليس کي گهربل اڳوڻو صوبائي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت يوسفزئي عمري جي ادائيگي لاءِ جده پهچي ويو آهي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شوڪت يوسفزئي جده پهچڻ کان پوءِ فيس بڪ تي فوٽو شيئر ڪندي پيغام جاري ڪيو آهي ته هو عمري جي ادائيگي لاءِ جده پهچي ويو آهي. هن لکيو آهي ته رب پاڪ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ۽ امن قائم ڪري ياد رهي ته پوليس 21 جولاءِ تي شوڪت يوسفزئي جي گرفتاري لاءِسندس گهر تي ڇاپو هنيو هيو پر هو گهر تي موجود نه هو. اڳوڻي صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي خلاف پرتشدد مظاهرا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ هو پوليس کي به گهربل هو ٻڌايو پيو وڃي ته شوڪت يوسفزئي تي پرويز خٽڪ جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ به دٻاءُ هو پر هو پي ٽي آءِ چيئرمين جو پراڻو ساٿي آهي جڏهن عمران خان 1996ع ۾ پارٽي جي بنياد رکي ته شوڪت يوسفزئي شروع کان ئي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويو هو