اسلام آباد: پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) سپريم ڪورٽ جي بجيٽ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي اي سي هڪ مهيني ۾ اعليٰ عدليا جي ججن جي پگهارن، مراعتن ۽ پلاٽن جا تفصيل به طلب ڪيا آهن.ان کان اڳ پي اي سي اعليٰ عدليا جي مراعتن جي حوالي سان رپورٽ گهري هئي، جنهن تي آڊيٽر جنرل ٻڌايو ته کين رڪارڊ تائين پهچ نه پئي ملي.اڄوڪي اجلاس ۾ اهو معاملو ٻير اٿاريو ويو ۽ پي اي سي چيئرمين هڪ مهيني ۾ اعليٰ عدليا جي ججن جي پگهارن، مراعتن ۽ پلاٽن جا تفصيل طلب ڪيا.