پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر نيلم حيات سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان :تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اسيمبلي ميمبر نيلم حيات سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.9 مئي جي واقعن تي مذمتي بيان ۾ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي پنجاب اسيمبلي ميمبر نيلم حيات چيو ته مان ڀڃ ڊاهه جي سياست تي يقين نٿي رکان. 9 مئي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کان پوءِ اسان کي لبرٽي احتجاج جي لاءِ گهرايو ويو هو.نيلم حيات چيو ته اسان لاهور پارٽي جي صدر کي اهو چوندي ٻڌو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي چوڻ تي ڪور ڪمانڊر هائوس طرف هلو. جنهن کان سڀئي ماڻهو ڪور ڪمانڊر هائوس طرف روانا ٿي ويا.هن وڌيڪ چيو ته جناح هائوس ۾ جيڪو نقصان ۽ ڀڃ ڊاهه ٿي اها نه ٿيڻ گهرجي ها. فوج اسان جي سرحدن جي حفاظت ڪندي آهي ۽ فوج ئي اسان جو مان شان آهي. فوج جي ڪري ئي ملڪ قائم آهي موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪريان ٿي.