پاڪستان : تحريڪ انصاف اڳوڻي دفاع واري وزير پرويز خٽڪ کان پوءِ سندس پٽ اسحاق خٽڪ ۽ ايم اين اي عمران خٽڪ کي به پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي اسحاق خٽڪ ۽ عمران خان خٽڪ جي پارٽي رڪنيت ختم ڪرڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب جي صحيح باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ٻنهي اڳواڻن جي ميمبرن کي پارٽي ڇڏڻ ۽ ڀڙڪائڻ تي رڪنيت ختم ڪئي ياد رهي ته عمران خٽڪ نوشهره مان پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجيو هو جڏهن ته اسحاق خٽڪ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ پرويز خٽڪ جو پٽ آهي. پي ٽي آءِ پرويز خٽڪ جي پارٽي رڪنيت اڳ ئي ختم ڪري چڪي آهي جڏهن ته پرويز خٽڪ ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان سان ملي پنهنجي ڌار پارٽي پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي بنياد رکي چڪو آهي