پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آهي، اڄ لاهور ۾ ڪجهه ٿيو ته ماڻهو خاموش نه ويهندا: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آهي، اليڪشن ۾ نه پر احتساب ۾ ويندي، رات جو خواب ڏسندا آهن، صبح جو قلم 144 لاڳو ڪندا آهن، اڄ جيڪڏهن لاهور ۾ ڪجهه ٿيو ته ماڻهو خاموش نه ويهندا.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته پي ڊي ايم ٽٽي چڪي آهي، اليڪشن ۾ نه پر احتساب ۾ ويندي، آمريڪا جي اڪيلائي ۽ چين جي ڪاميابي خطي ۾ وڏي خبر آهي.سندس چوڻ هو ته آءِ جي پنجاب ۽ نگران وڏي وزير محسن نقوي جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه ناهي، پهريان عمران خان کي قاتل چيو پوءِ درويش جي حادثي جو موقف اختيار ڪيو.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري چون ٿا ميچ ان وقت کيڏندا جڏهن رانديگر ۽ امپائر انهن جا هوندا.هن چيو ته اڄ جيڪڏهن لاهور ۾ ڪجهه ٿيو ته ماڻهو خاموش نه ويهندا، درويش ظل شاهه جو موت مسلم ليگ ن جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيندو، حڪومت کي ايترو ظلم ڪرڻ گهرجي جيڪو سڀاڻي سهي به سگهي.