پٽ کي سازش ذريعي قتل ڪيو ويو، ظِل شاهه جي والده تحريڪ انصاف کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: پي ٽي آءِ جي ڪارڪن علي بلال عرف ظِل شاهه جي والده پٽ جي حفاظت ۾ ناڪامي جو ذميوار تحريڪ انصاف کي قرار ڏئي ڇڏيو.نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ظِل شاهه جي والده چيو ته منهنجي پٽ کي سازش سان قتل ڪيو ويو آهي، اهو سڀ ڪجهه تحريڪ انصاف وارن ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن کان عمران خان کي گولي لڳي ظِل شاهه هر وقت زمان پارڪ ۾ ئي ويٺل رهندو هو. هو چوندو هو ته عمران خان منهنجي ووٽ سان وزيراعظم بڻجندو.علي بلال جي والده چيو ته ظِل شاهه عمران خان جي حفاظت ڪري رهيو هو پر منهنجي پٽ جي حفاظت نه ڪئي وئي. هن چيو ته ياسمين راشد اسان کي فون ڪرڻ بجاءِ ظِل شاهه کي اسپتال کڻي ڇو نه وئي.ان موقعي تي ڏکايل ماءُ چيو ته عمران خان کي چوان ٿي ته تنهنجي وڏي مهرباني، مون کي منهنجو پٽ واپس ڏئي ڇڏيو.