ڪراچي:۾ قتل ٿي ويل ڊاڪٽر بيربل گيناڻي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس مقتول سان گڏ زخمي ٿيندڙ سندس اسسٽنٽ قرت العين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس اختيارين موجب زخمي اسسٽنٽ ڊاڪٽر قرات العين تي ڪيس ۾ به شڪ جو اظهار ڪيو ويو هو جڏهن ته هن جيڪو بيان قلمبند ڪرايو اهو به شڪي آهي. پوليس اختيارين موجب زخمي اسسٽنٽ جي موبائيل فون جو رڪارڊ به طلب ڪيو ويو آهي.گذريل ڏينهن پوليس قرت العين جي ڀاءُ کي به گرفتار ڪيو هو، قرت العين ڊاڪٽر بيربل تي قاتلاڻي حملي وقت ساڻس گڏ ڪار ۾ موجود هئي ۽ گولي لڳڻ سبب زخمي به ٿي هئي.ياد رهي ته ڊاڪٽر بيربل جي وارثن قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو هو. ايف آءِ آر ۾ به قرت العين ۽ سندس ڀاءُ جي ڪردار کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي.