حيدر آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي مينارٽي ونگ سنڌ جو صدر ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي حيدر آباد ۾ بي دردي سان قتل ٿيل مشھور چمڙي جي ڊاڪٽر ڌرم ديو راٺي جي قتل تي سٽيزن ڪالوني حيدر آباد پھچي سندس وارثن سان تعزيت ڪندي گھري ڏک جو اظھار ڪيو.ان موقعي تي ڊاڪٽر جي وارثن سان ڏک ونڊيندي صوبائي وزير ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي چيو ته ڌرم ديو راٺي جو قتل وڏو ظلم آھي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچايو ويندو .ايم پي اي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي وارثن کي يقين ڏياريو ته ساڻن مڪمل طور انصاف ڪيو ويندو قاتلن کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو