وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڊيفالٽ جي خطري جو سوچي رات جو ننڊ نه ايندي هئي، رب پاڪ رحم ڪيو ۽ اسان ڊيفالٽ کان بچي وياسين، چونڊن ۾ عوام جيڪو به فيصلو ڪيو ان کي ڪنڌ جهڪائي قبول ڪنداسين.شرقپور ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جا ساڍا چار سال ضايع ڪيا ويا. 2018 ۾ پاڪستان جي ترقي خلاف سازش ڪئي وئي. نوازشريف کي جيل اماڻيو ويو. اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو ويو. ماضي جي حالتن تي دل اڄ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا 190 ملين پائونڊ برطانيه جي اڪائونٽس ۾ موجود هئا، برطانوي ايجنسي اشتهار لڳايو ته اهي پئسا پاڪستان جي عوام جا آهن ۽ اتان جي خزاني ۾ جمع ڪيا ويندا. اهي پئسا اسٽيٽ بئنڪ ۾ اچن ها ته بهتر ڳالهه هئي پر پي ٽي آءِ جي حڪومت لنڊن ۾ وڃي اهڙي طرح هن ڪيس ۾ پارٽي بڻجي جيئن شادي ۾ بنا گهرايل مهمان اچي ويندا آهن.وزيراعظم چيو ته اهي پئسا پاڪستان جي خزاني ۾ اچڻ جي بجاءِ سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي ويا. بند لفافو ڪابينا ۾ آندو ويو. ڪابينا جي هڪ ٻن وزيرن کان سواءِ سمورن بند لفافي تي منظوري ڏئي ڇڏي. خدا نه ڪري جيڪڏهن انهي بند لفافي ۾ اهو لکيل هجي ها ته اسان ڪشمير جو سودو ڪري رهيا آهيون ته ڇا ڪابينه ان کي اکيون بند ڪري صحيح ڪري ڇڏي ها.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ضرور آهي، منهنجو وس هلي ته رات وچ ۾ مهانگائي ختم ڪري ڇڏيان.