ڪراچي :جي مختلف علائقن ۾ برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو

ڪراچي :جي مختلف علائقن برسات پوڻ سبب موسم خوشگوا رٿي ويو آهي. آءِ آءِ چندريگر روڊ، پي آءِ ڊي سي، شاهراهه فيصل، گارڊن ۽ ملير سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.موسميات کاتي موجب 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ ڏينهن وقت موسم جهڙالو رهندو جڏهن ته رات جو ٿڌيون هوائون لڳنديون. ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون به بحال رهنديون.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. گهٽ کان گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو آهي. هوا ۾ نمي جو تناسب 89 سيڪڙو آهي. ڏکڻ ۽ اوڀر کان هلندڙ هوائن جي رفتار 20 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي.