ڪراچي :پوليس تحريڪ انصاف اڳواڻ ارسلان تاج کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پي ٽي اءِ جي ترجمان موجب ارسلان تاج کي سندس رهائشگاهه گلشن اقبال مان گرفتار ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ ترجمان موجب ارسلان تاج کي سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار فجر محل گلشن اقبال مان سندس گهر مان گرفتار ڪيو. گرفتاري دوران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهر ڀاتين کي به حراسان ڪيو ويو.ٻئي طرف ڪراچي پوليس طرفان سنڌ اسيمبلي ميمبر راجا اظهر جي گهر تي ڇاپو هنيو. پي ٽي آءِ ترجمان موجب پوليس طرفان راجا اظهر جي گهر ڀاتين کي حراسان پڻ ڪيو ويو. ترجمان موجب ڪراچي پوليس جي ڇاپي وقت ايم پي اي راجا اظهر گهر تي موجود نه هو.