تفصيل موجب ڪرمپور ٿاڻي جي حد شيرڳڙه علائقي فخر مل وٽ انڊس ھا۽ وي تي رات دير سان ھٿياربندن جي ڪاھ ڪي پي ڪي واسي ٽرڪ ڊائيور سمير خان پٺاڻ کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا حد جي ڪرمپور پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھتي ھٿياربندن جي پيري پويان ڪچي طرف رواني ٿي وئي جڏهن ته اھڙي واقعي خلاف ٽرانسپورٽ عملي پاران انڊس ھاء وي دنگلا ھوٽل وٽ روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ٽرانسپورٽ عملي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو آهي ته ڏينهن رات شڪارپور کان ڪشمور تائين اسان محفوظ ناھيون ڦر لٽ روز جو معمول بڻيل آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ٽرڪ ڊرائيور جي بازيابي جو فوري ايڪشن کنيو وڃي ڌرڻي دوران ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشان رھيا ھوڏانھن پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد روڊ کولرايو ويو