ڪرمپور پوليس: ٿاڻي جي حد مانڌاڻي چوڪي وٽ چاليھ ڏينھن اڳ پوليس ھٿان بيدردي سان شھيد ٿي ويل نوجوان غلام حسين جعفري جا قاتل اڃا گرفتار نه ٿي سگھيا وارثن جو ايس ايس پي ڪشمور ايٽ ڪنڌ ڪوٽ خلاف ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاج ـ ان موقعي تي مقتول جي وارثن محمد امين جعفري حاجي علي حسن جعفري محمد عظيم جعفري حاجي مير حسن جعفري شاھمراد جعفري محمد جمن جعفري لياقت جعفري ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث ايس ايڇ او شبير ڀيو ڪي بي ڏاھاڻي سميت ٻيا اھلڪار سري عام گھمن ٿا جيڪي ايس ايس پي جا خاص گن مين بڻيل آھن جن کي پوليس گرفتار نٿي ڪري ابتو اسان کي خاموش ڪرائڻ مختلف ھربا استمعال ڪري اسان کي ٺاھ لاء زور ڀرين ٿا ھنن چيو تھ پوليس چاليھ ڏينھن تائين ڪيس به چالان نه ڪيو آھيو ۽ رڳو ڪوڙ تي ٻڌل خالي ٺلھا آسرا ڏئي اسان جي نوجوان جو ڪيس لوڙھڻ جي سازش ڪن ويا جنھن عمل خلاف تنگواڻي جي عدالت سڳوري ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آھي اسين پر اميد آھيون تھ عدالت سڳوري اسان جي حق ۾ فيصلو ڏئي ظالمن کي گرفت ۾ آڻيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته قاتل کي بااثر سياسي ماڻھن جي پٺ ڀرائي تڏھن سريعام آزاد گھمن پيا اسينچيف جسٽس آف پاڪستان آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪريون ٿا تھ ھو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف فراھم ڪن