ڪرمپور ڀرسان جمال/ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ الھداد خان جعفري رھواسي نوجوان محمد صالح پٽ الهداد جعفري گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو, اطلاع تي جمال ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش کڻائي ڪرمپور سول اسپتال آندو ضروري ڪاروائي بعد لاش واثن حوالي ڪيو ويو .واقعي سبب نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي, پوليس موجب ابتدائي رپورٽ موجب واقعو خودڪشي ٻڌايو پيو وڃي, واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون,