ڪشمور ضلعو اغوا جي صنعت بڻجي ويو، هڪ هفتي اندر 4 ڄڻا اغوا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل ٽن ورهين جي ٻارڙي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن، عورتن، ٻارڙن ۽ وارثن پاران پوليس اسٽيشن اندر قرآن پاڪ جا هٿ کڻي احتجاج ڪيو.

ڪشمور ضلعو اغوا جي صنعت بڻجي ويو، هڪ هفتي اندر 4 ڄڻا اغوا، پوليس خاموش تماشائي بڻيل ٽن ورهين جي ٻارڙي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن، عورتن، ٻارڙن ۽ وارثن پاران پوليس اسٽيشن اندر قرآن پاڪ جا هٿ کڻي احتجاج ڪيو.ڪشمور جي عيد گاهه محلا مان ٽن ورهين جي حسن علي دشتي کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو، ٻارڙي جي بازيابي لاءِ 3 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻار بازياب نه ٿيو. يار علي دشتي عورتن ۽ ٻارن سميت ڪشمور ٿاڻي تي ٻارڙي جي بازيابي لاءِ قرآن پاڪ جا هٿ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، چار ڏينهن گذرڻ باوجود ڪشمور پوليس اڃا تائين اسان جي ٻارڙي کي بازياب نه ڪرايو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪشمور ٿاڻي تي احتجاج ڪرڻ آيا آهيون پر ايس ايڇ او ڪشمور غائب آهي ان کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي احتجاج جو دائرو وڌايو وڃي.