ڪشمور :ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ گڊو منير احمد نائچ جي بازيابي لاءِ گڊو ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ڪشمور :ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ گڊو منير احمد نائچ جي بازيابي لاءِ گڊو ۾ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي رٽ ڪٿي به نظر نه پئي اچي پوليس شھرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي انهن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته 14 ڏينهن گذري ويا پر هن وقت تائين ڪشمور ضلعي جي پوليس ايم ايس ڊاڪٽر منير احمد نائچ کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي پوليس خالي آسرا ڏئي رهيو آهي هُنن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر منير احمد سميت جيڪي به ڪشمور ضلعي مان اغوا ٿيل مغوي آهن اُنھن کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي نت اسان جو احتجاج جاري رهندو