تفصيل ڪشمور لڳ 2 ڏينهن اڳ ابوبڪر ٿهيم کي 4 کان وڌيڪ ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا هئا جنهن بعد ابوبڪر جي وارثن پاران ڪشمور ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو ڪشمور پوليس ٻن ڏينهن جي مھلت گھري هئي تهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو هو پر ابوبڪر جي وارثن پاران هڪ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي ھئي جتي ڪشمور جي ڪافي ماڻهون شرڪت ڪئي هئي پوليس پاران دعوا ڪئي وئي آھي ته گيھلپور جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران مغوي کي بازياب ڪرايو ويو آهي واضع رهي ته ابوبڪر ٿهيم جا وارث پاڪ ڪتاب کڻي ابوبڪر جي بازيابي لاءِ ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ڏانهن روانا ٿي ويا هئاهن وقت ابوبڪر ٿهيم وارثن حوالي ڪيو ويو آھي ابوبڪر جي بازيابي کان پوءِ سندس گهر ۾ خوشي جي لهر ڇئجي وئي آهي ڪشمور واسي به خوش ٿيڻ لڳا