ڪشمور : ۾ وڌنڌڙ بدامني ۽ غوثپور شھر ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان لاڳيتو ٿيل وارداتن واري واقعن ۽ تازو ھندو برادري جي گھرن ۾ گھڙي ڌاڙا ھڻڻ واري عمل خلاف ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال ۔ چوڌري رميش لال۔ ڪائونسلر برج لال۔ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر پريم چند۔ سماجي اڳواڻ منوھر لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ديوان برادري جي ماڻھن شھر جي مندر چوڪ کان شھر جي مئن بس اڏي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو۔ ان موقعي تي نوجوانن ” امن کپي“ ”تحفظ کپي“ ”جيئڻ جو حق ڏيو “ جا نعرا ھڻي پوليس جي ناڪامي تي سخت نعريبازي به ڪئي۔ ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ مڪمل ڏوھارين جو راڄ قائم آھي۔ اسان ڪيترن ئي مھينن کان دانھون ڪيون ٿا ته امن بحال ڪرائي ڏيو پر نه پوليس جا اعلا عملدار ٻڌن ٿا نه ئي علائقي جا چونڊيل ممبر داد رسي ڪن ٿا اسان وڃون ته ڪيڏانھن وڃون۔ نه عورتون محفوظ آھن نه ئي معصوم ٻار گھر کان نڪري سگھن ٿا۔ آخر اسان قديم سنڌين جي ڪير واھر ڪندو؟ اڳواڻن سنڌ ھا۽ ڪورٽ جي چيف جسٽس۔ ڊي جي رينجرز۔ ڪور ڪمانڊر ۽ آ۽ سنڌ کان اپيل ڪئي ته ضلعي ڪشمور ۾ فوجي آپريشن ڪرائي معصوم ٻارڙن سميت اغوا ٿيل سڀني مغوين کي واپس ڪرائي ھندو برادري کي تحفظ ڏنو وڃي۔۔