ڪـنڌڪـوٽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي سال 2023 جي نو منتخب عھديدارن جي حلف تقريب سرپرست اعلي گل محمد جکراڻي جي صدارت ھيٺ ٿي گذري ـ حلف برداري ۾ مھمان خاص ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي پاران عھديدارن کي حلف کڻايو ويو تقريب ۾ ڊي سي پاران پريس ڪلب جي ترقياتي ڪم لاء پنجاھ لک روپين جو پڻ اعلان ڪيو تفصيل موجب : ڪنڌ ڪوٽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي سال 2023 جي نئي باڊي جي عھديدارن لاء خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي حلف تقريب جي شروعات اڳوڻي جنرل سيڪٽري لياقت علي کوسو ھلائيندي ھاڻوڪي باڊي جي عھديدارن ۾ صدر مسعود عالم سومرو ـ جنرل سيڪٽري پير بخش بنگوار ـ سينئر نائب صدر غلام ياسين اوڳاھي ـ نائب صدر امداد الله کوسو ـ جوائنٽ سيڪريٽري حضور بخش منگي ـ ڊپٽي سيڪريٽري آغا ڪليم الله خلجي ـ انفارميشن سيڪريٽري عبدلطيف گولو ـ پريس سيڪريٽري سليم ميراني ـ آڊٽ چئرمين غلام ياسين لاشاري ـ ميمبر آڊٽ فقير گوڪل داس عبدالعزيز سومرو ـ حسين بخش سومرو کي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي حلف کڻائي حلف کان ھاڻوڪي باڊي پھنجي چارج سنڀالي ورتي جـھن کان پوء جنرل سيڪٽري پير بخش بنگوار تقريب جو آغاز ڪندي صدر مسعود عالم سومرو آيل مھمانن کي آجياڻو پڻ پيش ڪيو ان تقريب ۾ مھمان خاص ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي پاران خطاب ڪندي پريس ڪلب جي فلاح بھبود لاء پنجاھ لک رپين جو ترقياتي ڪم لاء اعلان ڪندي چيو ته ھن ڏکئي وقت ۾ صحافين ھميشا عوام جي آواز کي بلند ڪيو آھي ان ڪري اسان پاران صحافين جو ھر جائز مدد ڪرڻ لاء ھميشا ساٿ ڏنو آھي ان موقعي تي آيل مھمانن کي ڊي سي سميت اسٽنٽ ڪمشنر سفيان بابر ـ ڊي ايس پي يار محمد رند ـ ڊي ايس پي ڪنڌ ڪوٽ سيد اصغر شاھ ـ انچارج ون فائي مددگار عبدالجبار منگي ـ شھري اتحاد جا اڳواڻ حاجي حضور بخش مغل ـ ڊاڪٽر ميھر چند ـ دودو خان نندواني ـ اڪرم خان باجڪاڻي ـ انجنير موٽواڻي ـ رياض ڏاھاڻي ـ سيد قاسم شاھ ـ سيد لطف شاھ ـ مشتاق چاچڙ ـ عباس باجڪاڻي ـ گھايل سنڌي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي تقريب جي اختتام ۾ اناج منڊي اڳواڻ انجنير موٽواڻي پاران صحافين جي فلاح بھبود جي لاء پنجاھ ھزار جو اعلان ڪيو ويو