ڪنڌرا لڳ يوسي روشن آباد جو پبلڪ پارڪ ناڪاره انتظاميا غائب پبلڪ پارڪ جون چوديواري واريون لوھيون گرلون چور ڪٽي کڻي ويا
ڪنڌرا لڳ يوسي روشن آباد جو پبلڪ پارڪ انتظاميا جي نااھلي ڪري اڻ ھوند جي برابر ٿي ويو پبلڪ پارڪ جي چوديوارئ واريون لوھيون گرلون چور ڪٽي کڻي ويا پر پوليس سميت انتظاميا اگھور ننڊ ستل پبلڪ پارڪ ۾ موجود وڻن جي واڊي ڪري ختم ڪيو پيو وڃي جنھن سان پارڪ جي خوبصورتي ختم ٿئي ٿي اتان جي رھواسين احتجاج ڪندي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ت چوري ٿيل لوھي گرلون ٻيھر لڳائي ڏنيون وڃن ۽ نوان وڻ لڳائي پارڪ جي خوبصورتي بحال ڪئي وڃي