ڪنڌڪوٽ:غوثپور شھر اندر گذريل ڪجھ عرصي کان تيزي سان وڌنڌڙ بدامني ۽ ڦرن جي وارداتن خلاف ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال پنھنجي برادري جو ھنگامي ڪٺ گھرائي ورتو

ڪنڌڪوٽ :غوثپور شھر اندر گذريل ڪجھ عرصي کان تيزي سان وڌنڌڙ بدامني ۽ ڦرن جي وارداتن خلاف ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال پنھنجي برادري جو ھنگامي ڪٺ گھرائي ورتو۔ ان موقعي تي شھر جي مختلف پاڙن کان سوين ھندو برادري جي معززن ۽ شھرين شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي مکي ڊاڪٽر سريش لال پنھنجي برادري سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪشمور پوليس جي ڪارڪردگي مان مطئمن ناھيون جيڪا پوليس پنھنجو دفاع نٿي ڪري اھا اسانجو تحفظ ڪيئن ڪندي؟ ھن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته شھر اندر ڌاڙيل ھندو برادري جي دوڪانن تي ڏينھن ڏٺي چڙھايون ڪري لکين روپين جي ڦر ڪري وڃن ٿا۔ تازو ڏوھارين گھر اندر گھڙي عورتن کي تشدد ڪري ڪمري ۾ بند ڪري لکين روپين جي ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا پر علائقي جي چونڊيل ميمبرن فون ڪري نه ڏک جو اظھار ڪيو نه ئي احوال وٺڻ آيا ۔ سندن جي اھڙي خاموشي سبب علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ڪيئن بھتر ٿيندي۔ ھن چيو ته صبحاڻي امن امان تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي گڏيل لائح عمل جوڙيو ويندو باقي پوليس ٻوٽو نه ٻاريندي۔ اسانکي پاڻ کي ئي ڪجھ ڪرڻو پوندو۔ پورو ضلعو ڏوھارين يرغمال بڻائي اسانجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي