ڪنڌڪوٽ ؛ لڳ دراني مهر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ ۾ جاگيراڻي. ۽ مهر. برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي

ڪنڌڪوٽ : لڳ دراني مهر ٿاڻي جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ڄام سونهارو چاچڙ ۾ جاگيراڻي. ۽ مهر. برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ھلندڙ پراڻو خوني تڪرار هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اٿيو آهي۔ جهيڙي دوران ٻنھي ڌرين هڪ ٻئي مٿان پنهنجي جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا آھن۔ ڪچي جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب گوليون لڳڻ سبب لابارو ڪندڙ هڪ عورت نازيا خاتون سميت ٻھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آھن فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪا۽ پکڙجي ويو ٻنهي ڌرين جي هٿيار بندن مورچا سنڀالي ورتا آهن۔ ٻنهي ڌرين ۾ هن وقت به فائرنگ جي ڏي وٺ هلندڙ آهي۔ جڏهن ته اطلاع ملڻ باوجود به هن وقت تائين حد جي پوليس ناهي پهچي سگهي جنھن سبب وڌيڪ رتو ڇاڻ جو پڻ خدشو آهي۔ واضع رھي ته جيئند جاگيراڻي ۽ محمد بخش مھر وارين ڌرين ۾ پراڻو خوني تڪرار ھلندڙ ھيو جيڪو اڄ ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔۔