ڪنڌڪوٽ : ايس ايس پي ڪشمور ء شڪارپور امجد احمد شيخ جي مقرري بعد مغوين جي بازيابي جو سلسلو شروع ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ : ايس ايس پي ڪشمور ء شڪارپور امجد احمد شيخ جي مقرري بعد مغوين جي بازيابي جو سلسلو شروع ٿي ويو ٻن ڏينهن اندر بازياب ٿي ويل جو انگ چار ٿي ويو ٻھ مھينا اڳ ڪچي واري علائقي دراني مھر ٿاڻي جي حد م گھوٽڪي ء ڪنڌڪوٽ پل تي ڪم ڪندڙ مزدور جمشير ملڪ محمد مظهر پنجابي ء محمد شفيق پنجابي ڪشمور پوليس دراني مھر م بازياب ڪرائي ورتو مغوين جي بازيابي جي خبر پوڻ تي مغوين جي گهر ۾ جشن جھيڙو ماحول بڻيل معصوم ٻارن سميت جيڪي به مغوي اغوا ٿي ويا آهن ھنن کي جلد بازياب ڪرائي ڪشمور ضلعي م امن امان بحال ڪيو ويندو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ تفصيل موجب ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون جي بدلي ء ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ جي ڪشمور م انٽري بعد مغوين جو واپسي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ٻن ڏينهن اندر بازياب ٿيل جو انگ چار ٿي ويو ٻھ مھينا اڳ دراني مھر ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڪنڌڪوٽ ء گھوٽڪي پل تي ڪم ڪندڙ مزدور کي ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا ۽ ھٿياربندن ڪچي م پاڻي اچڻ بعد مغوين کي ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رھيا ء ڳجھي اطلاع تي سي آء اي جي اسپيشل ٽيم ڪچي واري ھنڌ گھيرو ڪيو ويو ھٿياربندن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ م ھٿياربندن مغوين کي ڇڏي اونداهي جو فائدو وٺي فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا ۽ پوليس ٽن مغوين جمشير ملڪ محمد شفيق پنجابي ء محمد مظهر پنجابي کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته مغوين جي بازيابي جي خبر پوڻ تي مغوين جي گهر ۾ جشن جھيڙو ماحول بڻيل آهي ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ ٻڌايو ته ڪشمور ضلعي م معصوم ٻارن سميت جيڪي به اغوا ٿي ويا آهن ھنن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته ڪشمور ضلعي م ٻيھر امن امان بحال ڪرائي ڪشمور ضلعي م بي چيني ختم ڪئي ويندي اسان جا جوان ھاء الرٽ بڻيل آهن