ڪنڌڪوٽ : ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون پاران 22 ڄڻن کي ھٽائڻ بعد ڏوھاري روڊن تي نڪري آيا ڪشمور ضلعو ڏوھارين جي حوالي وڌيڪ چار ڄڻا اغوا ٿي ويا ٽي زخمي ٿي پيا ڪشمور پوليس خاموش بڻيل تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ اختيار نوناري جي ڀرسان ھوٽل تي مزدوري ڪندڙ ٻھ پورھيت حسيب نوناري ء عبدالرئوف نوناري کي ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا ڪرمپور لڳ جمال ٿاڻي جي حد عبدالرشيد اوڳاھي جي مڇي جي فارم تي ستل چوڪيدار سردارو نندواڻي کي ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا جڏهن ته مياڻي ائٽ بڊاڻي م ھوٽل تي ستل ٻھ ڄڻا ارباب سولنگي ء راڻو سولنگي کي اغوا ڪري ويا ڪجھ پند بعد راڻو سولنگي کي ڇڏي ارباب سولنگي کي ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن مگسي اسٽاپ وٽ مانداڻي چوڪ نامعلوم ھٿيارين لاشاري برادري جي نوجوانن کي ڦر ء اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا ھوڏانھن آل نوناري برادري اغوا ٿي ويل نوجوانن جي بازيابي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان غريب مسڪين آھيون سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪندا آهن ضلعي ڪشمور وزيرستان بڻجي ويو آهي اھو ڏينهن خالي ناهي جو ماڻهو اغوا نه ٿين ھنن وزير خارجا بلاول ڀٽو زرداري وزير اعليٰ سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کي فوري نوٽس وٺي ڪشمور م وڌندڙ بدامني کي روڪيو وڃي