ڪنڌڪوٽ ان سلسلي ۾ موٽر سائيڪل جي مالڪ علي مراد لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي چڪي آهي
ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد عيدگاه محله مان سي ڊي 2017 ماڊل چاٻي چور ڪاھي فرار ٿي ويا جنهن کان بعد مان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان پر اي سيڪشن پوليس ڪو به تدارڪ نه ڪيو آهي پوليس پنهنجي ناڪامي ظاهر نه ڪرڻ لاءِ ڪوڙا دلاسا ڏي رهي آهي پر هن وقت تائين موٽر سائيڪل واپس نه ڪرائي آهي اي سيڪشن ايس ايڇ او ملڻ لاءِ تيار ئي ناهي پوليس جي خلاف احتجاج ڪندڙ علي مراد لاشاري ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي ڪشمور مير روحل احمد کوسو کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل موٽر سائيڪل رڪور ڪرائي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.