ڪنڌڪوٽ : شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اھم گڏجاڻي شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر مھرچند جي رھائشگاھ تي شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي سرپرست اعليٰ

ڪنڌڪوٽ : شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي اھم گڏجاڻي شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر مھرچند جي رھائشگاھ تي شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ جي سرپرست اعليٰ؛ حاجي حضوربخش مغل جي صدارت ۾ گذري؛گڏجاڻي ۾ ضلعي تڪشمورائٽ ۾ ھلندڙ قبيلائي جھيڙن جي خاتمي؛اربين روپين جي ترقياتي ڪمن؛ اين آء سي وي ڊي جي يونٽ جي ڪنڌڪوٽ ۾ قائم ڪرائڻ لاء؛آء بي اي جي وزٽ ڪرڻ سان گڏ سندن جي تعليمي معيار۽ وڌيڪ سھولتن ڄاڻ؛توڙي جو صحت کاتي اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ؛اسپتال ۾ ماھر ڊاڪٽرن جي کوٽ سميت عورت ڊاڪٽرياڻين جي پاران ڊيوٽيون نه ڪرڻ؛ريٽ لسٽن کي چيڪ نه ڪرڻ۽ ھٿرادو منھنگائي کي ٻنجو ڏيارڻ لاء؛ميونسپل انتظاميه جي لاپرواھي سبب ڪراس تباحال ٿيل؛شھر۾ لائٽنگ جو نظام نه ھجڻ خلاف شھري اتحاد مھم شروع ڪندي پھرين مرحلي۾ ياداشت نامه پيش ڪري جلد شھر مٿين مسئلن تي جدوجھدي جواعلان ڪري مرحيليوار تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو؛گڏجاڻي ۾ سيٺ جئيرام داس؛رياض احمد ڏاھاڻي؛غلام ياسين لاشاري؛عبدالفتاح مغل؛حافظ عبدالقادر سيال؛اشوڪ ڪمار سونارو شرڪت ڪئي؛اڳواڻن سرپرست اعليٰ حاجي حضوربخش مغل؛صدر ڊاڪٽر مھرچند چيو ته متعلقه آفيسرن سان ملاقاتون ياداشت نامه ڏيڻ ڪبيون۽ صوبائي وزير مير شبيرعلي خان بجاراڻي؛ايم پي مير چيف سردار غلام عابدخان سندراڻي سان به ملاقات ڪري شھرين کي ملندڙ تڪليفن تي آواز بلند ڪبو؛ھنن وڌيڪ چيو ته امن امان جي حوالي سان ايس ايس پي کان مطالبو ٿا ڪيون ته اغوا ٿيل عورت۽معصوم ٻارڙي کي جلدبازيابي لاء ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ شھر جي نياڻين کان ڦر واقعن لاء ڪجھ اندر لائحه عمل جو ڙي زبردست احتجاج ڪيو ويندو؛ھنن چيو ته شھري اتحاد ڪنڌڪوٽ شھرين سان گڏ آھي۽ عوام جي مسئلي ۾ ھميشه جيان اڳ ۾ ھونداسين..