ڪنڌڪوٽ: اڳ ڳوٺ راجه بجاراڻي ڀر سان انڊس هاءِ وي تي سندراڻي۔ ساوند تڪرار دوران هٿياربندن جي فائيرنگ ۾ مارجي ويل پ پ ايم پي اي مير عابد خان سندراڻي جي ويجهي عزيز وڪيل نور الاهي خان سندراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مقتول جي وارثن ۔ سياسي سماجي توڙي مذهبي جماعتن جي ڪارڪنن جو هٿن ۾ بينر ساڻ ڪري جي يو ائي جي اڳواڻ سيد سهيل احمد شاھ. وڪيل احمد رضا سندراڻي. علي اڪبر اوڳاھي . ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بئنڪ چوڪ کان بس اسٽينڊ تائين ريلي ڪڍي ويئي۔ ان موقعي تي ڪشمور ضلعي جي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي۔ ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪشمور ضلعي ۾ بدامني جي ٻرندڙ باهه تي ڪشمور ضلعي جي پوليس ضابطو ناهي آڻي سگهي۔ غوثپور سميت ڪشمور ضلعي جي ٻين شهرن ۾ اغوا ڦر ڌاڙا توڙي رتو ڇاڻ روز جو معمول بڻيل آهن۔ پر ڪشمور ضلعي جي پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪي به قدم ناهي کڻي سگهي۔ مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته پنج ڏينهن اڳ ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند سري عام وڪيل نورالاھي خان سندراڻي کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جنهن جو قتل ڪيس ساوند برادري جي ستن جوابدارن مٿان غوثپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي پر پوليس هن وقت تائين جوبدارن جي گرفتاري لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهي وٺي سگهي۔ مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين شهيد ڪيل نور الاهي خان سندراڻي جا جوبدار پوليس گرفتار نه ڪندي اوستائين مقتول نور الاهي خان سندراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مسلسل احتجاج ڪرڻ وارو سلسلو جاري رهندو۔ مظاهرين وڌيڪ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو توڙي آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي مقتول نور الاهي خان سندراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي۔ ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو۔