ڪنڌڪوٽ : لڳ رات جو ديرسان ڏوھاري سرعام روڊن تي نڪري آيا

ڪشمور تنگواڻي شاخ وٽ رات ڏوهارين جي مين انڊس هاءِ وي تي ڪاھ ڏوهاري 3 ماڻهو اغوا ڪري ڪري ويا تنهن ۾ هڪ 7 سالن جو نينگر به شامل آهي
ٽرڪ ڊرائيور موجزاڻي طور اغوا ٿيڻ کان بچي ويو ٽرڪ ڊرائيور ٻڌايو آهي ته رات 11 بجي 15 کان 18 هٿياربندن انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني 15 کان 20 منٽ ٽائم فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو پر پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي هن چيو ته اسان محمد پور کان ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا سين ته رستي ۾ واقعو پيش آيو آهي جڏهن اغوا ٿي ويلن جي سڃاڻپ زاهد گاڏهي رياض گاڏهي ۽ 7 سالن جي نينگر رفيق احمد گاڏهي طور ٿي آھي ھوڏانھن مزدا ڊرائيورسميت مغوين جي بازيابي لاء ڪنڌڪوٽ ٺل روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون 6 ڪلاڪ روڊ بند رھيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڦرلٽ اغوا روز جو معمول بڻيل آهي ڪشمور پوليس امن امان ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن رات جو نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته ھفتي اندر ٽرڪ ڊرائيورن سميت مغوين جو تعداد 11 ٿي ويو آهي پر ڪشمور پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ م خاص توجهه نه ڏئي رهي آهي ھوڏانھن پوليس پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد روڊ کولرايو ويو