جنهن ۾ سڀني دوستن جي صلاح مشوري سان نيشنل پريس ڪلب غوثپور جي نئين باڊي جي چونڊ ڪئي ويئي پريس ڪلب جي نئين باڊي ۾ صدر لا۽ برڪت علي ڀيو، کي چونڊيو ويو جڏهن ته جنرل سيڪريٽري نارائڻ ناز، سينيئر نائب صدر عبدالسميع بجاراڻي، نائب صدر ظفر شير ڀيو، جوائنٽ سيڪريٽري طارق ڀيو، خزانچي ظھور اوڳاهي، ۽ عبدالنبي ملڪ کي آفيس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي چونڊجي آيل سڀني عھديدارن گذريل باڊي جي ڪمن کي ساراھيو ۽ نئين سڀني چونڊيل عھديدارن وچن ڪيو ته اسان به پنهنجي عھدن جو ڀرم رکي پنهنجون ذميواريون نڀائينداسين۔ ھر مظلوم ماڻهن جو آواز اعلي ايوانن تائين پھچائينداسين۔ آخر ۾ سڀني دوستن چونڊجي آيل صدر برڪت علي ڀيو ۽ جنرل سيڪريٽري نارائڻ ناز سميت سڀني عھديدارن کي ھار پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ مٺايون ورھائي خوشي جو اظھار ڪيو۔