ڪنڌڪوٽ: ٿاڻي جي حد بي ايس گُڊو فيڊر وٽان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل بڊاڻي واسي مُکي جڳديش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو

ڪنڌڪوٽ:بخشاپور ٿاڻي جي حد بي ايس گُڊو فيڊر وٽان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل بڊاڻي واسي مُکي جڳديش ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو ڌاڙيلن پاران مُکي جڳديش کي زنجيرن سان ٻدي تشدد واري ويڍيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي ويڍيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بڊاڻي واسي مُکي جڳديش ڪمار کي ڌاڙيل زنجيرن سان ٻدي ان مٿان تشدد ڪري رهيا آهن مغوي جڳديش ڪمار ويڍيو ۾ پنهنجي وارثن کي چئي رهيو آهي ته ڌاڙيل منهنجي آزادي جا پنج ڪروڙ ڀُنگ گُهري رهيا آهن مهرباني ڪري ٻن ڏينهن اندر گهر جو سب ڪجه وڪڻي مونکي آزاد ڪرايو نت ڌاڙيل مونکي ماري ڇڏيندا ياد رهي ته مُکي جڳديش ڪمار ۽ سندس پوٽو 10 سالا جئديپ ڪمار کي ڏيڍ مهينو اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد بي ايس گُڊو فيڊر وٽان اغوا ڪيو ويو هو جن کي هن وقت تائين پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ حد پوليس جو چوڻ هو ته مغوين جي بازيابي لاء آپريشن هلندڙ آهي انشاالله جلد مغوي بازياب ڪرايا ويندا